اسلام آباد – 9 جون (اي پي پي) ??در مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جو بارودي سرنگ سان ٽڪرائڻ واري واقعي ۾ پاڪ ??وج جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ??در مملڪت واقعي ۾ شهيد ٿيل پاڪ ??وج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن لاءِ بلند درجن جي دعا ڪئي. ??در مملڪت سيڪيورٽي فورسز تي پاڻ مرادي بم جي ذريعي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ??در مملڪت چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن ۽ شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ڪندي. ??در مملڪت شهيدن جي جذبي حب الوطني ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.