راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ت?? مادر ??طن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ عظيم ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب هو جي ايڇ ڪيو ۾ آپريشنز دوران بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ فوجي جو??نن ۾ اعزاز ورهائڻ واري ت??ريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف آفيسرن ۽ جو??نن کي ميڊلز، ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو. شهيدن جا تمغا سندن خاندان وصول ڪيا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم جي آزادي ۽ سلامتي پنهنجي بهادر جنگجوئن جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد ۽ غازي اسان جا هيروز آهن، اسان جا شهيد درحقيقت قوم لاءِ اميد ۽ استقامت جو ڪِرڻو آهن.