لاهور – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مزدو?? کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، مزدو?? کي جائز حق نه ملندو ته مل?? ترقي نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن مل?? جي تباهي جو سبب آهي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان مل?? کي بحرانن مان ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي مزدورن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو قومي معيشت ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جي قدر کان چڱي ريت آگاهه آهي، واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار مزدورن جي حالت بهتر بڻائڻ کي تر??يح ڏين. هن چيو ته مزدو?? کي درپيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مزدورن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي، ڪرپشن مل?? جي تباهي جو سبب آهي، جلد ان جو خاتمو ڪنداسين، مل??ي معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي عرب جو تازو دورو ڪامياب رهيو، جلد ٻاهرئين سيڙپڪاري سان مل?? کي بحرانن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان کي مزدور جي عظمت جو پورو احساس آهي، مزدو?? کي جائز حق نه ملندو ته مل?? ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سيڙپڪار ۽ پورهيت هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، هر فيڪٽري ۾ هڪ ڦيٿو سيڙپڪار آهي ۽ هڪ پورهيت آهي، حڪومت مزدورن جي اجرت ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن مزدورن کي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جي گهرج آهي ته امير غريب جي فرق کي گهٽ ڪيو وڃي، نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته مزدور جي اجرت پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ادا ڪريو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان عام مزدو?? کي يقيني طور تي مسئلا درپيش آهن، روزانو جا خرچ مزدور وڏي مشڪل سان برداشت ڪري ٿو پر اسان اهڙا قدم استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون جو مل?? جلد مهانگائي جي چنبي مان نڪري ويندو. شهباز شريف چيو ته ڪاروباري ماڻهو خاندان کانسواءِ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ منصوبا ٺاهين، اهڙا م??صوبا ٺاهين جو مزدور جو ٻار انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بڻجي، سيڙپڪارن، واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي دولت تي مزدورن جو پڻ حق آهي. وزيراعظم چيو ته مون کان وڌيڪ مزدورن جي مسئلن کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو، منهنجو والد مرحوم پڻ هڪ مزدور هو، منهنجو والد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاهور آيو، هو 6 ڀائرن سان گڏ لاهور جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو هو، هن لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، شام ۾ مزدوري ڪندو هو. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته مون تو??ان کي دل جي گهراين سان پنهنجي گهر گهرايو آهي، اڄ تو??ان سرڪاري گهر ۾ مهمان نه پر محمد شريف جي خاندان ۾ موجود آهيو، تو??ان منهنجا م??مان آهيو، هي دعوت نواز شريف ۽ منهنجي طرفان آهي، دلي خوشي آهي ته مون کي تو??ان جي مهمان نوازي جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مل?? جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن پر حڪومت مل?? کي ان ڌُٻڻ مان ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، سعودي عرب جو تازو دورو اميد جو ڪِرڻو ثابت ٿيندو ۽ ان جا ڏورس نتيجا نڪرندا، ان دوري دوران مون مختلف وزيرن سان اطمينان جوڳيون ملاقاتون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري ماڻهو پاڪستان اچڻ وارا آهن جنهن سان مل?? ۾ روزگار جا م??قعا م??ندا ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي. شهباز شريف چيو ته مل?? جي بربادي جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، کربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي رهيا آهن، انهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، شاهه خرچين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي حڪومت شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ وظيفا ڏنا، هي مل?? امير جو به آهي ۽ غريب جو به آهي، پاڪستان يتيم جو به آهي، هتي سڀني کي برابري جي سطح تي بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ جلد عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.