اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهش??گر??ي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذ??يوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله ??عاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ??طا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ ز??مي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.