اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ن??ڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي پي ايم ٽرمينلز ۽ بورڊ ميمبر اي پي مولر ميئرسڪ ڪيٿ سوينڊسن جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيٿ سوينڊسن ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان منصوبي جي لاءِ ن??ڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪا??ونسل جا نمائندا به شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڪيٿ سوينڊسن پاڪستان جي ڪا??وبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جو سفير جيڪب لنلف، واپارو، ناڻي، سامونڊي معاملن وارا وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. تجويز ڪيل منصوبي جي تعمير سان ڪراچي جي بندرگاهه ۾ وڏا ڪا??گو جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا. ان منصوبي سان وچ ايشيائي ملڪن تائين سڄي دنيا مان ڪا??گو آساني سان پهچائي سگهبو. اي پي ايم ٽرمينلز لاهور، ترنول ?? پشاور ۾ پڻ عالمي معيار جي لاجسٽڪس اسٽوريج فيسليٽي تعمير ڪندي. تجويز ڪيل منصوبي سان پوري دن??ا کي پاڪستاني برآمدات تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ان منصوبي جي ڪري لاجسٽسڪ جي لحاظ کان پاڪستان خطي جو مرڪز بڻجي ويندو. ان منصوبي سان پاڪستاني مصنوعات جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ جو موقعو پيدا ٿيندو جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.