اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ا??را?? گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو ??ظهار صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ا??را??ي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ا??را??ي هم منصب سيد ابراهيم رئيسي جو ??يوان صدر اچڻ تي استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو ۽ غزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي فوجي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مستقل ۽ واضح حمايت جاري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي، انساني امداد ۾ اض??في جي لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ا??را?? لاڳاپن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان جو ??ورو ڪندڙ پهرين ملڪي سربراهه هجڻ تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جا ٿورا مڃيا. هن اصولي موقف ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي مسلسل حمايت تي ا??را?? کي ساراهيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر جي سطح تائين وڌائڻ جي بي پناه?? صلاحيت موجود آهي. ا??را??ي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳا وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ا??را?? جي صدر غزه ۾ جاري انساني بحران جي دوران فلسطيني ڀائرن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حماي?? کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ا??را??ي صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.