اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي پرڏيهي وزير ??نٽ??ني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ سيڪيورٽي سميت ٻطرفن معاملن جي هڪ وسيع رينج بحث هيٺ آئي. علائقائي اهميت جي مختلف معامل?? بشمول غزه جي صورتحال، بحيره احمر ۽ افغانستان ۾ ٿي??دڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفن لاڳاپن ۾ م??جوده مثبت رفت??ر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.