اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? 5 وفاقي وزيرن کي مختلف وزارتن جا اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيا جڏهن ته 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهبي معاملن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي مواصلات واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي ر??بطن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، پيٽروليم واري وفاقي وزير ??صد?? ملڪ کي پاڻي وسيلن واري وزارت جي اضافي چارج ملي وئي. ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحولياتي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر هوندو.