برسلز- 14 فيبروري (اي پي پي) بيلجيم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ سان سنگاپور جي سفير لم هانگ هوا ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني ??فارتخاني ??رفان جاري ٽوئيٽ مطابق هن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي سفيرن برسل?? ۾ ??اڪستان ۽ سنگاپور جي سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو.