مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي انهن جي خودمختي??ري جي حق لاءِ جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي قرارداد?? ۽ ??مو?? ۽ ??شمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي حل مڙهي نه ٿو سگهي، ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائين ٿا اهو ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هر سال اسان ڄمو?? ۽ ??شمير جي ڀائرن سان جابراڻي غيرملڪي قبضي جي خلاف انهن جي خودمختي??ري جي حق لاءِ جائز جدوجهد ۾ گڏ بيٺل هجڻ جو وچن ڪريون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. ڪشمير کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي. پاڪستاني ۽ ڪشميري مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک جا تهوار هڪ آهن. ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان کان جدا نه ٿو رهي سگ??ي. ??سان ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي اهم ڌر آهيون. هن چيو ته ڀارت ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي حل مڙهي نه ٿو سگهي. ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته ڪشمير تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ سدائين شامل رهيو آهي جيڪو هڪ اڻٿڪ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان جي معاشري جا سمورا طبقا ۽ قومي ادارا ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ پوري دنيا ۾ ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? ۽ ??شميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت لاڳاپيل عالمي فورمز تي سدائين ڪشميرين جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڄمو?? ۽ ??شمير جي هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهيون جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ڪشميرين خودمختي??ري جي حق جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي. ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ڪشميري رتورت ٿي ويا پر جُهڪيا نه. هن چيو ته مسلمان اڪثريتي رياست هجڻ جي ناطي ڪشمير کي پاڪستان جو حصو هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي امنگن کي دوکيبازي ۽ سازشن جي ذريعي پائمال ڪيو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشميري عوام جا زخم اڄ به تازا آهن. آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير وڏين قربانين ۽ جدوجهد سان آزاد ٿيو. 1947ع ۾ خطي ۾ قتل عام جون يادون اسان جي ذهنن مان مٽجي نه سگهيون. ڪشميرين کي پاڪستان جي بي پناهه حمايت جو يقين ڏيارڻ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد ۾ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڀارت پاڻ ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ خطي جي تڪر??ري حيثيت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن فيصلو ڪيو ته ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو جڏهن ته ??ڃا تائين ڪشميرين کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ڀارت کي ريفرنڊم جي حوالي سان پاڪستان ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڀارت جي جمهوري هجڻ جي دعويٰ کوکلي آهي. هن چيو ته موجوده ڀارتي قيادت ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ روايتي ڏاڍ ج??ري رکيو آهي. ڀارتي قيادت معصوم ڪشميرين جي خلاف پنهنجي جانبداراڻي قدمن جي لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آ??ي. ??ي جي پي ۽ آر ايس ايس جو اهو اتحاد بنا ڪنهن سبب جي ڪشميرين کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هندوتوا جي زهريلي نظريي ڪشميرين تي ايترو ظلم ڪيو آهي جيترو اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير کليل جيل وانگر بڻيل آهي. هن چيو ته ڪشميري خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندهه رهي رهيا آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، انهن جون زمينون ضبط ڪيون پيون وڃن، هراستون، تشدد ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ٿي رهيا آهن. آزادي پسند ڪشميرين جون ملڪيتون هڙپ ڪيون پيون وڃن. گذريل 45 سالن ۾ 96 هزار کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين عورتن کي هراسان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سمورن ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري کي انهن زيادتين ۾ ملوث ماڻهن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. فلسطين جي تازن واقعن کانپوءِ دنيا جي امن پسند ماڻهن جو ضمير زندهه ٿي ويو آ??ي. ??نيا کي ياد ڪرايون ٿا ته ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، ڏهاڪن جي ڀارتي ڏاڍ جا ثبوت موجود آهن. عالمي برادري کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي انهن خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت ڄمو?? ۽ ??شمير تي پنهنجي ناجائز قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن. 5 آگسٽ 2019ع کان ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ جي لاءِ مهم زورن تي آ??ي. ??ن ڏينهن ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ڀارتي ۽ سياسي نقطن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، انهن ۾ چونڊ تڪن ۾ ووٽرز فهرستن ۾ غيرڪشميرين کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل، ملڪيت ۽ ملڪيت بابت نوان قانون شامل آهن. اهي ڪارروايون عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختي??ري جي حق کان انڪار طرف تازو قدم آهي اهڙن فيصلن جي ذريعي ڪشميري عوام جي امنگن کي مجروح نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان جو ڪو به جواز نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. ڪشمير تڪرار جي حيثيت کي سدائين عالمي قانون جي ڏس ۾ ٻڌايو ويو آ??ي. ??المي قانون تحت ڪنهن به عمل کي جيڪو ڀارتي قانون جي ماتحت آهي، ڄمو?? ۽ ??شمير کي حتمي حيثيت جو تعين ڪرڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي جيڪو عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪر??ري علائقو آهي. ملڪي قانونسازي ۽ فيصلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سان عملدرآمد بابت ڀارت کي پنهنجي ذميوارين کان آجو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جعلي بيانيو پيش ڪري رهيو آهي. ڪشميرين جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي جو غلط ليبل هڻي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪشميري پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهادري سان بيٺل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ واضح فرق آ??ي. ??هشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، رياست پاران ان جو ارتڪاب خوفناڪ هوندو آهي. ڀارت والاريل واديءَ ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڪشمير ۾ واحد دهشتگرد ڀارت آهي. هن چيو ته اسان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکون ٿا. اسان تڪرار نه ٿا چاهيون، اسان وٽ حملي جي ڪرڻ جي صورت ۾ زبردست ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قوت ۽ صلاحيت موجود آهي. ڀارت ان حوالي سان اسان کي ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر ڪا خواهش آهي ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته ڀارت کي ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي ان کي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي حقن ۽ آزادين کي بحال ڪرڻ گهرجي، انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي، سخت هنگامي قانون کي رد ڪيو وڃي. ڪشميري شهرن، ڳوٺن مان فوج ڪڍڻ گهرجي. آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي، پرامن ميڙ ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏيڻ گهرجي. زميني صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ آزاد مبصرن ۽ انساني حقن جي نمائندن کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ ان کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جو حق ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دنيا آڏو ڀارت جو چهرو بي نقاب ڪنداسين. سفارتي مهم زور شور سان ج??ري رهندي. ڪشميرين جي خودمختي??ري جي حق حاصل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.