اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خل??ف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خل??ف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خل??ف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ??يو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خل??ف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.