ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪا??وباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪا??گل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن ??ائڪس به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي با??ي ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪا??وباري ڪا??ونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.