اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ??ال??ه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي ح??اس?? ۾ قيدين جي ??هر??تن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??هر??تن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي ح??اس?? ۾ قيدين جي ??هر??تن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستا?? ۾ ??يد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 مُهاڻن) جي ??هر??ت اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيل?? ۾ ??يد پاڪستانين جي ??هر??ت پاڪستاني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. ??هر??ت موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پاڪستاني (337 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاع?? اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.