دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي ايڪسپو سٽي ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پهرين ۽ ٻه ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪ??دو. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ 2 ڊسمبر تي قومي موقف پيش ڪ??دو. ڪانفرنس جي موقعي تي نگران وزيراعظم جي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير اح??د عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير مح??د علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.