اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 39 هين سارڪ چارٽر ڊي تي سارڪ جي ميمبر ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته 8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رک??دڙ اڳواڻن سارڪ چارٽر کي اختيار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب سارڪ چارٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم ??يو ته هي ڏينهن اسان کي ان ذميواري جي ياد ڏياري ٿو جيڪا اسان جي ماڻهن غربت، ناخواندگي، بيماري ۽ گهٽ ترقي جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪلهن تي وڌي آهي. هن ??يو ته بنا ڪنهن شڪ جي سارڪ ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ ره??دڙ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو ت?? پاڪستان سارڪ جي هڪ باني ميمبر ??لڪ طور تنظيم جي مقصدن جي لاءِ مسلسل پنهنجي وابستگي ظاهر ڪري ٿو ۽ هن سارڪ جي عمل ۽ سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن ??يو ت?? پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي طاقت ۽ صلاحيت تي پختو يقين رکي ٿو. نگران وزيراعظم ??يو ته سارڪ جي چارٽر موجب نتيجي تي ٻڌل علائقائي تعاون رڳو خودمختيار برابري ۽ گڏيل احترام جي بنيادي اصولن تي عمل پيرا ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن سارڪ جي عمل ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو ته مون کي يقين آهي ته تنظيم جا هموار ڪم جي راهه ۾ اي??دڙ موجوده رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، اهڙي طرح سارڪ جا ميمبر ??لڪ گڏيل طور تي فائديمند علائقائي تعاون جي راهه تي اڳتي وڌڻ جي قابل ٿي ويندا. نگران وزيراعظم تنظيم جي هموار ڪم جي لاءِ سارڪ سيڪريٽريٽ پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي ??يو ته آئون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش ڪريان ٿو. هن ??يو ته اچو اسان ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا جي فائدي لاءِ پنهنجي خطي جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.