اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا?? پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ حوصلا افزائي سميت ون ونڊو سهولت ف??اهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪ??تا?? جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار حسيب احمد جي قيادت ۾ مختلف جاگرافيائي ۽ ڪاروباري پس منظر سان تعلق رکندڙ آڪسفورڊ گريجوئيٽس تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي ڪاروبار پاڪ??تا?? ۾ ??يڙپڪاري ڪن، بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻن، عالمي سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون پاڪ??تا?? ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين. هن چيو ته پاڪ??تا??ي معيشت جي مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پاڪ??تا?? هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ آهي جنهن جي ڪاٿي ۾ هر سال اضافو ٿ?? رهيو آهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? معيشت جي بهتري، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مصنوعات جي لاءِ نئين منڊين جي ڳولا تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪ??تا?? ۾ ??يڙپڪاري جا لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ تازن سالن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪ??تا?? ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موقعا ڳولين. صدر چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي حڪومت پاران پيش ڪيل ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ??تا?? وٽ تربيت يافته انساني وسيلا دستياب آهن، نوجوانن ۽ عورتن کي جديد آءِ ٽي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جو ڊيجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويو، ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام تحت 2018ع کان هيستائين 35 لک نوجوانن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائڻ، معياري ۽ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.