اسلام آباد – 21 ?? نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 نومبر تي پسني بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پو??ئي??ن سان ٽيليفون تي افسوس جو ??ظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر صوبيدار عبيدالله، نائيڪ محمد سجاد ۽ شهزاد قمر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي شهباز?? فيض الرحمان ۽ زاهد حسين جي پو??ئي??ن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي حمزه ظهير، محمد امين، شبر حسين ۽ سيد مبارڪ شاهه جي وارثن سان پڻ افسوس جو ??ظهار ڪيو. صدر 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عبدالله کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پو??ئي??ن سان همدردي جو ??ظهار ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.