واديءَ ليپه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ليپه ۾ 24 آڪٽوبر جي مناسب?? سان شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ صدر مع??مه زاهده برڪت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪ فوج ۽ ڪشمير جي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي نگهت ڪشميري ترانو پيش ڪري داد وصول ڪيو. شاگردن 24 آڪٽوبر يوم تاسيس جي مناسب?? سان ??لي نغما، ترانا ۽ تقريرون ڪيون جن ۾ شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام عقيدت پيش ڪيو. والاريل ڪشمير سميت فلسطين جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صدر مع??مه چيو ته اسان آرام سان سمهون ٿا ۽ آزادي سان ساهه کڻون ٿا جڏهن ته وڏن جبلن تي اسان جي محافظ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پهرو ڏين ٿا، پاڪ فوج ۽ ڪشمير جي شهيدن جي جذبن کي جيترو ساراهيو وڃي گهٽ آهي.