اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وا??ار?? ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وا??ار?? ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ??نهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ وا??ار?? رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي ??اص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.