لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي فراهمي سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??، نگران حڪومت جي تازي انت??ام?? قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان لنڊن جي ڪيپيٽل ۽ فنانشل مارڪيٽ جي سينيئر اڳواڻن پاڪستان هائوس لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪندڙ فرمن ۾ فيلڊيلٽي انٽرنيشنل لميٽيڊ (ايف آئي ايل)، ولنگٽن مئنيجمينٽ، اشمور، جيفريز انٽرنيشنل، ريڊويل ڪيپيٽل، سويٽيڪس انڊسٽريل ايس اي، آڪسفورڊ فرنٽيئر ڪيپيٽل، گارنٽڪو، جي پي مورگن، ڪالراڪ ڪيپيٽل ۽ يو بي ايل (يو ڪي) جا نمائندا شامل هئا. نگران وزيراعظم وف?? کي پاڪستان جي موجو??ه معاشي منظرنامي کان آگاهه ڪندي ٻاهرئين کاتن جي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته تازي انت??ام?? قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو، استحڪام جي لاءِ اميد کي فروغ ڏنو. هن چيو ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي اچڻ سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، مستحڪم ذخيرن ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان جي اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪانن ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽيڊ بائي ارينجمنٽ جي مثبت اثرن، معيشت ۽ ڪرنسي جي استحڪام تي روشني وڌي. هن چيو ته درآمدات تي پابندين جي خاتمي، زرعي مدد ۽ وچولي مدي جي ناڻي واڌ جي هدفن جي لاءِ مالياتي قدمن کانپوءِ واپار ۾ بهتري آئي آه??، زراعت ۽ صنعت ۾ بهتري آئي آه??، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آه??. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي حوالي سان وف?? کي آگاهه ڪندي پاڪستان جي سيڙپڪاري رکندڙ ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ان ڪائونسل سان سيڙپڪاري جي عمل لاءِ راهون هموار ٿي رهيون آه??، اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ڪاروباري منظرنامي کي آسان بڻائي ڊگهي مدي واري ترقي کي فروغ ڏيڻ تي ڪاربند آه??ون. برطانوي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي تسلسل ۽ گهٽ ۽ وچولي مدي واري سڌاراجاتي ڪوششن بابت معلومات ورتي. نگران وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ ڪيل سڌارا ڪري آءِ ايم ايف پروگرام سان وابستگي جو اظهار ڪيو آه??. سيڙپڪارن پاڪستان جي مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا اميد ڀريل موقعا ڳولڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جيڪو اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ وڌندڙ گڏيل دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو.