اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، ا??هن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ ??حس??س انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستان جي دفاع لاءِ سرحدن تي ??نه??جي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، ا??هن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني ??يو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سمورن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ حا??ل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح حا??ل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حا??ل ڪيو.