اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گ??جرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قو?? جو فخر ۽ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته گ??جرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سا?? ملي انته??ئي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ۽ استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظ?? چيو ته مون جمشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افز??ئي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سا?? گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي جهڙا روشن ستارا اسان جي قو?? جي فخر سا?? گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سا?? گڏ جمشيد علي سا?? پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون آهن.