ابوظهب?? – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم ??ار??ن اف??وس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عرب امارات جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.