اسلام آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جمهوريت ??ي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن جي ياد ۾ ترڪيه جي برادر عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي. ترڪيه ۾ جمهوريت ??ي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن بهادر ترڪ عوام جي عظيم قربانين کي ياد ڪندي اسان انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن جمهوري?? ۽ ??نيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي گندي ڪوشش جو بهادري سان مقابلو ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته 2016ع جو هي تاريخي عهد وارو ڏينهن منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردگان جي فعال ۽ متحرڪ قيادت تي غير متزلزل يقين ۽ گهري اعتماد جي به عڪاسي ڪري ٿو. وزيرا??ظم چيو ته ان ڏينهن جو اهم نقطو اهو آهي ته گڏيل اتحاد، ڀائيچاري ۽ گهرن رشتن جي طاقت سان ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.