اسلا?? آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي هدايتن تي خيبر پخت??نخ??ا جي عوام کي 24 ڪلاڪن تفريح، تازين حال??ن ۽ خبرن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ باقاعده نئين چينل پي ٽي وي نيشنل پشاور جي نشريات شروع ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي نيشنل پشاور تي خيبر پخت??نخ??ا جي عوام لاءِ 24 ڪلاڪ پشتو ??بان ۾ ڊرامه، موسيقي ۽ ٻين پروگرامن سميت خبرون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون. هن چيو ته پي ٽي وي نيشنل پشاور جي نشريات يوٽيوب تي به 24 ڪلاڪ ڏسي سگهبي.