ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظ?? ۾ ??کندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ري??ڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي تائين پاڪ نيوي جون ايمر??نس?? ري??پانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ري??ڪيو ڪيو ويو آهي. ج??ري ڪيل پريس رليز موجب ري??ڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمر??نس?? ري??پانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.