ڪراچي – 15 – جو?? (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شهر قائد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جيالا چو??ڊج?? کي پارٽي جي لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ ان اڳڀرائي کي پوري پاڪستان جي فتح قرار ڏنو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب صديقي کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد کي ڊپٽي ميئر چو??ڊج?? تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جدوجهد ۽ ق??با??ين جو ثمر آهي. هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ?? نفرت ۽ ورڇ جي سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهتي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جمهوريت بهترين انتقام آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪراچي هاڻي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي جي هر گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي جا بلدياتي مسئلا بنا ڪنهن فرق جي حل ڪنداسين. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن جي ڪلهن تي هاڻي وڏيون ذميواريون آهن، پر مون کي يقين آهي ته ماضي ۾ ڏکئي ترين حالتن جو مقابلو ڪندڙ جيالا هن ڀيري به پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائي هڪ نئين تاريخ لکندا.