اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اس??يش?? اولمپڪس ٽيم کي برلن اس??يش?? اولمپڪس ۾ شرڪت ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 87 ماڻهن تي ٻڌل پاڪستان جي اس??يش?? اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، اميد ڪريان ٿو ته ا??ان جي ٽيم پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي. پاڪستان اس??يش?? اولمپڪس ٽيم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان اس??يش?? اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، خوشي آهي ته ذهني معذوري جو شڪار ماڻهو به راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڪستان جي اس??يش?? اولپمڪس ٽيم اڳ ۾ به ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر چيو ته مثبت سرگرمين ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ انهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ا??ان پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ جا خواهشمند آهيون، خصوصي ٻارن کي عام ٻارن ??ان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ ??ان گڏوگڏ هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.