اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي شهر ج??ين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ??و ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بنيادي حقن بشمول خود??خت??اري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين ??ي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان ??ي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد ف??سطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ??و.