اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌندڙ آبادي جي مس??لي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??وب?? ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستان جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي، گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پاڪستان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ ??وب?? کي نمائندگي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مس??لا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مس??لا ??وب?? جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. اهڙن مس??لن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مس??لي کي منهن ڏيڻو پوندو. اط??اعات واري وفاقي وزير قومي اهميت جي انهن مس??لن تي قومي بيانيو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بيانيو جوڙڻ ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مس??لن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ڏنو. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيون، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ هدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي ??وب?? جون صحيحون به آهن، انهن هدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بيانيو جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مس??لن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اط??اعات واري وفاقي وزير وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ بيانيو جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.