اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍ??نچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد ??اء?? 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ م??لي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري ??اء?? 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن جي بح??لي ۽ نئين سر تعمير ??اء?? 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سا?? جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ??اء?? وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حو??لي سان هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدارن جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.