گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج ت?? گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چ??و ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن چ??و ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪر?? آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گ??رن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چ??و ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چ??و ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو.