اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستا?? جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جو جشن آچر 14 آگسٽ 2022ع تي جوش ۽ ج??بي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، ڏينه?? جي شروعات مسجدن ۽ عبادتگاهن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپ?? جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته قومي تراني جي احترام ۾ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ رڪجي وئي، مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جون پروقار تقريبون ٿيون ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ??رڪ??ي تقريب جناح ڪنوينشن اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پرچم ڪشائي ڪئي ۽ خطاب ڪيو. ان موقعي تي قومي ترانو به پڙهيو ويو، تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مرتضيٰ جاويد عباسي، خالد مگسي، سياسي معاملن ۽ قومي ادبي ورثي ڊويزن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، عسڪري قيادت، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف خطاب دوران پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن نعمت تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪرانو ادا ڪريون ٿا. هن ان موقعي تي ڪشمير ۽ فلسطي?? جي مسلمانن لاءِ پڻ جلد کان جلد آزادي جي دعا ڪئي. وزيراعظم تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي ولولا انگيز جدوجهد اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهي، مشاهير پاڪستا?? جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا ج?? جي جدوجهد سان اسان کي آزادي جي نعمت ملي. ان مقصد جي لاءِ سوين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، ان جدوجهد ۾ مسلمانن ئي نه اقليتن به ڀرپور حصو وڌو. وزيراعظم پاڪستا?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ?? جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ائٽمي طاقت آهي ۽ ان پروگرام سان واڳيل سمورا ادارا ۽ ماڻهو اسان جا محسن آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو، ا?? جي لاءِ قومي مڪالمي جي ضرورت آهي جنه?? جي لاءِ ميثاق معيشت ٿي سگهي ٿو، اسان ائٽمي قوت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي قوت ڇو نه ٿا بڻجي سگهون، آزادي وڏي قربانين سان حاصل ٿي، ان جو خو?? جي آخري ڦڙي تائين دفاع ڪنداسين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، نوجوان اسا?? جي ترجيحن جو اهم جز آهن. هن قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ تي لاڳاپيل ادارن کي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ملي نغما پڻ پيش ڪيا ويا، فنڪارن علائقائي زبانن ۾ لوڪ گيت پيش ڪيا. پاڪستا?? جي هٿياربند فوج پاران عظيم پاڪستاني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. آٰءِ ايس پي آر موجب آچر ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستا?? جي هٿياربند فوج پاران عظيم پاڪستاني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عزم عالي شان، شاد رهي پاڪستان، پاڪستان زندهه آباد. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي 253 پاڪستاني ۽ غيرملڪي شهري?? جي لاءِ اعليٰ سول اعزازن جو اعلان ڪيو ويو. سعودي فرمانروا سميت اهم غيرملڪي سر??راهن پاڪستاني قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي اعزازي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد هو. پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه سيلرز جي دستن تي ٻڌل ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جون ذميواريون سنڀاليون، پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر سيد محمد داد سر??نجام ڏنا. پريڊ دوران خاص مهمان گارڊز جو معائنو ڪيو ۽ گارڊ پاران قائداعظم کي قومي سلام پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ خاص مهمان گارڊ مقرري جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور محمد خالد مزار قائد تي گل?? جي چادر چاڙهي. اهڙي طرح مزار اقبال تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جي دستي پنجاب رينجرز جي جڳهه گارڊز جا فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي تقريب جو خاص مهمان ميجر جنرل شهباز خان هو. خاص مهمان گارڊز جي تبديلي جي عمل جو معائنو ڪيو. هن مزار تي گلدستو رکيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميجر جنرل شهباز خان مهمان?? جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستا?? جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جهنڊو ڦڙڪائي تقريب?? جي شروعات ڪئي ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ قيصر رشيد خان آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ پرچم ڪشائي ڪئي جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي معزز ججز، اڳوڻن ججز، پشاور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، خيبرپختونخواهه جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊين، خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو جي چيئرمين، جوڊيشل ڪميش?? جي ميمبر، ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جي نمائندي، پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيش?? جي صد?? ۽ ڪابينا ۽ پشاور بار ايسوسيئيش?? جي صد?? ڪابينا ميمبرن سان گڏ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي دستي چيف جسٽس کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو، پوليس بينڊ قومي ترانو ۽ قومي نغما پيش ڪيا جڏهن ته قومي لباس پهريل ٻارن تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا گهري وئي. پاڪستا?? جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صد?? بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم سر??ار تنوير الياس ايوان صد?? ۾ پرچم ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليس پاران سلامي ڏني وئي جنهن کانپوءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. حڪومتي وزير، اسيمبلي ميمبر، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، حڪومتي سيڪريٽريز، اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. گلگلت بلتستان ۾ پاڪستا?? جي آزادي جي ڏهاڙي جي ??رڪ??ي تقريب گلگت چنار باغ ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد هو. ان تقريب ۾ گلگت بلتستا?? جي وقتي گورنر امجد زيدي، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن، گلگت بلتستا?? جي سيڪريٽري محي الدين واني، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس گلگلت بلتستان سعيد وزير، سرڪاري ۽ عسڪري ادار?? جي سر??راهن، سول سوسائٽي جي ماڻهن سميت مختلف اسڪول?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرچم ڪشائي ڪئي وئي، گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتستا?? جي وقتي گورنر يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گل?? جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ پوري قوم کي پاڪستا?? جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني. آگسٽ مهينو شروع ٿيڻ کان ئي سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيارين جو سلسلو جاري رهيو، سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي خوبصورت طريقي سان سجايو ويو، سرڪاري ۽ نجي عمارتن، واپاري ??رڪ??ن کي چمڪندڙ لائيٽن سان سجايو ويو ۽ هر طرف قومي جهنڊ?? جي بهار ڏسڻ ۾ آئي. سمورن اهم رستن کي جهنڊن، بينرز ۽ قومي جهنڊي وارين جهنڊين سان سجايو ويو ۽ فضائون ملي نغمن ۽ قومي تراني جي ڌُنن سان گونجنديون رهيون. سرڪاري ۽ نجي سطح تي مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ مباحثا، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ نمائشون شامل آهن، مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تحريڪ پاڪستا?? جي تاريخي رخن ۽ قومي هيروز جي زندگي ۽ قرباني?? جي موضوعن تي تقريري مقابلن ۽ ملي نغم?? جي مقابلن کانسواءِ پوسٽر سازي جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ بهترين فن پارن ۽ تقريرون ڪندڙ شاگرد?? جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. انهن سمورين تقريبن جو مقصد نوجوان نسل کي تحريڪ پاڪستان ۽ آزادي جي لاءِ جدوجهد کان روشناس ڪرائڻ آهي ته جيئن نوجوان آزادي جي قدر ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي شعار بڻائي سگهن. سڄي ملڪ ۽ عالمي سطح تي جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهايو ويو جنه?? جي لاءِ هر عمر ۽ طبقي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني انتهائي پرعزم ۽ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف رهيا. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين به جشن آزادي جون تقريبون ملهايون ۽ ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ملڪ سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو. پرچم ڪشائي جي تقريبن کانسواءِ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان تيار ڪيل خصوصي ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.