لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ??يو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ??يو ته ڀارت پاران ڪشمير جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي هر پ??يٽ فارم تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن ڪشميري آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.