اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته ??لس??ين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، ??لس??ين تي پاڪستان جي رياستي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان ??لس??ين جو مسئلو ۽ اسر??ئي?? بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وفد اسر??ئي?? ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب ??لس??ينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ ??لس??ين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والاريل ??لس??ين ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل ت??ئي?? دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل ??لس??ين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگز??ب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.