اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ ??يڪريٽريٽ ??ي ميڊيا ??ائ??يڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي م??ڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي م??اثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.