اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوفين ۽ اوليائن جي تعليم جي پيروي تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي ۽ انهن پنهنجي تعليم سان مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو. صدر اها ڳالهه حضرت عبدالقادر شاهه جي??ان?? بغداد جي سجاده نشين شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجي??ان?? سان گڏ ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. م??هب?? معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، پاڪستان ۾ عراق جو سفير حامد عباس لفتاح ۽ سينيئر حڪومتي آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان سڀني کي اوليائن ۽ صوفين جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، اوليائن ۽ صوفين انسانيت، مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته صوفين اسلامي قدرن جي تعليم جي ذريعي معاشري جي اصلاح لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اسلام جي پيغام کي پوري دنيا خاص طور تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پکيڙيو. صدر چيو ته حضرت عبدالقادر شاهه جي??ان?? سڄي زن??گي اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو ۽ اسلامي تاريخ جي مشڪل وقت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ معاشري جي اصلاح ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ۽ مختلف مڪتبه فڪر جا اڳواڻ ملڪ ۾ م??هب?? ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسلامو فوبيا جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي چئلينج تي موثر طريقي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر سجاده نشين حضرت عبدالقادر شاهه جي??ان?? پاران ڪيل فلاحي ڪمن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر وفد جي مان ۾ آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي. شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجي??ان?? ميزباني ۽ شاندار استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن صدر کي بغداد جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.