بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ??ين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ??مپنين جي اعليٰ عملدارن سا?? ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم عمران خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خص??صي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ??اروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن س??ولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي ??يئرمين، چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گروپ، چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گروپ جي اعليٰ عملدارن سا?? ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ??مپني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي گروپ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني آهي. چائنا ريلوي گروپ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گروپ ڪارپوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي تعميرات جو ٺيڪيدار گروپ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي ??اروباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خص??صي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ??اروبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن س??ولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سا?? گڏ هئا.