اسلام آباد – 24 جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان جي ذميدار به پ??پل??پارٽي ئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پ??پل??پارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پ??ڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پ??ڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻج?? چڪو آهي.