ڪراچي – 24 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ??وج??انن کي هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن اقرا يونيورسٽي جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري 19 هين جلسي کي خط??ب ڪندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فني تعليم جي اهميت ري روشني وجهندي چيو ته اسان جي تعليم جي اهم جز ۾ اسان جي ??وج??ان نسل جي صلاحيتن کي نکارڻ جي منطقي سوچ ۽ ڪميونيڪشن اسڪلز جو فروغ هجڻ گهرجي ڇو ته ڪل آبادي جو 64 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن اقرا يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ص??ر چيو ته يونيورسٽي کي گهرجي ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري. هن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ڪي??ريون ئي شيون بدلجي وينديون، ڏندسازي جو 80 سيڪڙو علم آن لائين دستياب آهي، ان لاءِ ??وج??انن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي ماڊل کي ٻين مضمونن جي لاءِ پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو. 40 سيڪڙو کان وڌيڪ يونيورسٽين جو چانسلر هجڻ جي حيثيت سان هايئر ايجوڪيشن ۽ يونيورسٽين جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ جديد تعليم جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن تعليم پر??ئي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان خوش نصيبت آهيو جو تعليم مڪمل ڪئي آهي پر ڪي??ر??ئي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو ته توهان گريجوئيٽ آهيو ۽ توهان کي انهن ماڻهن بابت سوچڻو پوندو جيڪي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا ۽ توهان کي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جي بهتري لاءِ احساس جهڙا مختلف پروگرام شروع ڪي?? آهن.