ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستان جي سفير شجاعت راٺوڙ به پ??ڏيهي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي چ??و ته پ??ڪستان اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي، هن چ??و ته پ??ڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدفن کي حاصل ??رڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته پ??ڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ??رڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ??يو.