اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پا??ستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پا??ستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس وزيراعظم ۽ پا??ستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پا??ستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ??يو ويو. وزيراعظم ۽ پا??ستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پا??ستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون نامزد ڪيل ذميدارن کي هيٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عم?? جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف وفاق پا??ستان جي مقبول ۽ منظم ترين سياسي قوت آهي، سياسي ۽ انتظامي طور تي هيٺين سطح تائين عوام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهي??ن. ??ن چيو ته قومي تعمير ۽ ترقي جي عم?? ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائي تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عم?? ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پا?? کي منظم ۽ آئنده جي سياسي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ جي تياري ڪن.