اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيم??ري?? کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ??ري سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي ميڊيڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ??ري بيم??ري?? سان موت جي شرح گهٽ ??ري سگهجي ٿي، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊيڪل يونيور??ٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊيڪل يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر ويا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽي??ي ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. صدر چيو ته ٽي??ي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽي??ي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري سامهون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيم??ري?? کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ??ري سگهجي ٿو، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آهن، اينٽي ??ائ??وٽڪس جو غيرضروري استعمال وڌي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آهي، ٽي??ي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ??ري بيم??ري?? سان موت جي شرح گهٽ ??ري سگهجي ٿي، غريب ماڻهو ٽي??ي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ??ري سگهي ٿو، حاصل ڪيل علم کي پاڪستاني معاشري جي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آهي، جديد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊيڪل يونيور??ٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.