اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محسن پاڪس??ان جي لاڏاڻي تي ڏک آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن انالله واناليه راجعون لکندي چيو ته آئون ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي 1982ع کان ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو. هن ??وم جي تحفظ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ اسان جي بي مثال مدد ڪئي. صدر چيو ته بطور احسان مند قوم اسان ان حوالي ??ان سندس خدمتن کي وساري نه ٿا سگهون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي.