اسلام ??باد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن ج?? پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار مح??د انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين ج?? وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار مح??د شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين ج?? وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن ج?? بلند درجن ج?? دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن ج?? وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.