اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيا?? هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيا?? هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪن??ي، قبضن جي خاتمي تي خر?? ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبض?? ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربي??نل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خاتمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربي??نل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.