اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پ??ڪس??ان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پ??ڪس??ان ۽ چين گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان ??ڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پ??ڪس??ان ??ين جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. صدر پ??ڪس??ان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چين جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان پاڪ –چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪ – چين اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چيني شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت پ??ڪس??ان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پ??ڪس??ان ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. چيني سفير نونگ رونگ چيو ته پ??ڪس??ان ??ين جو ويجهو دوست آهي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين جا تجربا پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چيني سفير صدر کي ٻڌايو ته چين پ??ڪس??ان ??ي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پ??ڪس??ان ??ي فراهم ڪيون وينديون.