پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، واپاري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ??وششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خيبرپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي ??اروباري برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جي ??را??مي ۾ مدد ملندي، واپاري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ??وششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده ??ڪو??ت پاران ڪورونا وائرس جي وب?? دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آ??ي، ??ڪو??ت واپاري برادري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول ??را??م ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته واپاري برادري ??ڪو??ت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.