اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پ?? پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي مبصري?? کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي?? ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب علي امين گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي ??شانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود قسم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصري?? کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائ?? سان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.