اسلام آباد – 08 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 8 ??ڪٽ??بر 2005ع جو زلزلو پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ آزمائش هئي ۽ قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو اهو مثالي هو، ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو ۽ اهي خاندانن جنهن جا پيارا ??ن قدرتي آفت دوران انهن کان وڇڙي ويا انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهي??ن، اهڙن خيالن جو اظهار هن 8 ??ڪٽ??بر 2005ع جي زلزلي جي 15 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 8 ??ڪٽ??بر جي زلزلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل رهي، هن چيو ته ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرين کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو.